SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


علامت نگاري


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

علامت نگاري

(Symbolism)

علامت نگاري نه صرف ادبي لاڙو اھي بلڪ ھڪ اسلوب ۽ انداز به اھي ڪنھن حد تائين ھڪ رمز بھ اھي. ھن جي ابتدا يورپ کان ٿي. خاص طور 19 صديءِ جي اخر ڌاري هن تحريڪ کرانس ۾ زور پڪڙيو شاعرن ۽ مروج بياني انداز کي ڇڏي علامت نگاريءَ وارو يا اھڃاڻي انداز اختيار ڪيو. يورپ توڙي روس ۾ ھي انداز بيان گھڻو مقبول ٿيو. مشهور ڪهاڻيڪار ايڊگرايلن پو سڀ کان اڳ اها دعويٰ ڪئي ته ابهام جي موجودگي ۾ هڪ لازمي جزو آهي هن اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته لفظ علامت ۾ بدلجي وڃي ٿو ته نئين لڪل (مبهم) صورت ۾ اهو بي معنيٰ نٿو رهي. ايشيا جي ادبي لاڙن تي يورپ جو اثر رھندو آيو آهي ۽ ائين ھيءَ تحرير ھتي بھ پھتي. قديم سنڌي شاعري يا وچئين دور جو شاعري تصوف جي لبادي ۾ پاڻ کي ڍڪي رکيو ھو ۽ جديد شاعر جڏھن ڪجھھ اشاريت ۽ رمزيت ۾ چوڻ گھريو تھ ھنن علامتن ۾ اھڃاڻ جو سھارو ورتو. سنڌي ادب يج تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته علامت نگاريءَ جو لاڙو تمام قديم آهي. مثال طور قاضي قادن کي ڏسو، جنهن مرشد لاءِ علامتي طور ’جوڳيءَ‘ جو لفظ ڪتب آندو: ”جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾“ اهڙي طرح شاهه ڪريم، شاهه عنايت رضوي، شاهه لطيف، سچل ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن ڪيتريون ڳالهيون داستانن کي علامتي انداز ۾ آڻي پيش ڪيون آهن. شاهه لطيف جي علامت نگاريءَ تي پي. ايڇ. ڊي به ٿي چڪي آهي. انگريزن جي دور ۾ افسانوي ادب ۾ خاص طور تي علامت نگاريءَ جو لاڙو مروج ٿيو. امر لعل هنڱوراڻي ۽ آسا نند مامتورا اهم ڪهاڻيڪار هئا. ورهاڱي کانپوءِ امر جليل، ماڻڪ، لعل پشپ، عبدالحق عالماڻي ۽ ٻين جي ڪهاڻين ۾ هي لاڙو ملي ٿو.


پرنٽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڊڪشنريءَ مان:


علامت نگاري

Symbolography


Remember Me Also:

رهاست

ث. هه. رهائش ، سِڪونت ، قرار ، ماڳ ، ٺِڪاڻو ، هنڌ ، جاءِ ، جڳهه ، مڪان ، آستانو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal